52

شڪارپور: پاڪستان هاري رابطه ڪاميٽي طرفان عدم مساوات خلاف عوامي ڪاروان جي عنوان سان ريلي

شڪارپور: ھاري جدوجھد ڪاميٽي شڪارپور ۽ پاڪستان هاري رابطه ڪاميٽي طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ عدم مساوات خلاف ھاري جدوجھد ڪاميٽي جي ڪنوينر علي کوسو ريلوي ورڪرز يونين اوپن لائن شڪارپور جي صدر گلزار احمد کوسو، عاشق ڊومڪي، عرس چوھاڻ، نظام جوڳي، نسيم کوسو، سويرا بلوچ، مظور کوسو، غمٺار دل، مشرف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي ڪاروان جي نالي سان جھاز چونڪ کان شڪارپور پريس ڪلب تائين ھڪ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اها عوامي ريلي ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪڍي وئي آهي، جيڪو 9 آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين مراڪش ۾ ٿيندو، انهن غريب دشمن ادارن خلاف عوامي متبادل طور پاڪستان هاري رابطه ڪميٽي مختلف شهرن ۾ عوامي ريلي منعقد ڪري رهي آهي، جتي شرڪت ڪندڙ مزاحمتي جدوجهد، متبادل نظام ۽ عدم مساوات خلاف مطالبن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن.

ھنن چيو ته پاڪستان جي پورهيت عوام لاءِ عدم مساوات سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي، امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندو پيو وڃي، هڪ سال ۾ غربت جي شرع 34.2 سيڪڙو مان 39.4 سيڪڙو تائين پھتي ۽ ٻيا وڌيڪ 12.5 ملين پاڪستاني غربت ۾ اچي ويا آهن.

ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي ۽ گذريل سال دوران ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، اهڙي طرح پاڪستان جي ڪل آبادي مان 9 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي انتھائي ڪريل لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

پاڪستان ۾ معاشي عدم مساوات تمام گهڻي آهي، گلوبل انيڪولٽي ڊيٽابيس جي رپورٽ موجب پاڪستان جي مٿين طبقي جا 10 سيڪڙو گھراڻا ملڪ جي آمدنيءَ جو 42 سيڪڙو ڪمائيندا آهن، جڏهن ته هيٺين طبقي جا 50 سيڪڙو خاندان صرف 13 سيڪڙو ڪمائن ٿا.
پاڪستان ۾ زمين جي مالڪي به انتهائي غير مساوي آهي 64 سيڪڙو زمين 5 سيڪڙو زميندارن جي ملڪيت آهي ۽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳوٺاڻا خاندان بي زمين آهن.
پاڪستان جي ڪارڪردگي ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ خراب آهي، ان لاءِ غريب ترين 10 سيڪڙو آبادي ۽ امير ترين 10 سيڪڙو جي اوسط آمدني جو تناسب 6.5 آهي، ٻين لفظن ۾ امير ترين جي سراسري آمدني غريب جي اوسط کان 16 ڀيرا وڌيڪ آهي.
اهڙين حالتن ۾ ماڻهن جي اجرت گهٽجي رهي آهي جڏهن ته ارب پتي ماڻهن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي.
هي اسان جو ملڪ هڪ فلاحي رياست آهي پر صرف اميرن لاءِ آھي، باقي غريبن جي فلاح لاءِ ڪوبه پروگرام ڪونھي، پاڪستان جا حڪمران ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن جي چوڻ تي غريبن تي ٽيڪس لاڳو ڪري ٿو جڏهن ته اميرن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏئي ٿو. جاگيرداري نظام هارين کان سندن زمينون کسي رهيو آهي جڏهن ته منافع خورن سرسبز زمينن کي بنجر پلاٽن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اشرافيه جو هي طبقو عدم مساوات خلاف ڪم ڪرڻ ۾ بلڪل سنجيده ناهي پر اسان ھن عدم اڻ برابري جي خلاف جدوجھد ڪري رھيا ۽ اسان جدوجھد جاري رھندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں