53

سوال کان اڳ دليل مڪمل ٿيڻ ڏيو: (چيف جسٽس) مون کي سوال پڇڻ کان روڪيو ويو ته بينچ ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو: جسٽس منيب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجڪر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جاري آهي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ درخواستن تي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي.

ٻڌڻي دوران وڪيل صفائي فيصل صديقي چيو ته آرٽيڪل 191 ۾ لفظ(لا) جو مطلب آهي اهو ڪنهن قسم جو قانوني اختيار ته  ڏئي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ رولز ۾ لفظ جي تعريف جو ڌار کان سيڪشن آهي.

چيف جسٽس چيو ته اوهان هر سوال جو جواب نه ڏيو، مسٽر صديقي اوهان صرف پنهنجي دليلن تي ڌيان ڏيو. 4 ٻڌڻين کان ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، ڪيترائي ڪيس التوا ۾ آهن منهنجي ساٿي ججز کان درخواست آهي ته پنهنجا سوال روڪي رکو. بينچ ۾ هر ڪو سوال ڪرڻ چاهي ٿو پر وڪيل جي ڪا دليل مڪمل ته ٿيڻ ڏيو. چئن ٻڌڻين جي باوجود اسان جي ڪارڪردگي اها آهي ته هڪ ڪيس ختم نه ٿي سگهيو آهي جيڪڏهن اوهان هر سوال جو جواب ڏيندو ته اوهان جا دليل مڪمل نه ٿي سگهندا. باقي سمورا ڪيس ڇڏي هن ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون.

جسٽس منيب اختر چيو ته اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته سپريم ڪورٽ رولز ۾ لا جي تعريف لکيل آهي صرف اهو ٻڌايو آرٽيڪل 191 ۾ لا جو مطلب ڇا آهي. جسٽس منيب جي سوال تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اڳ ئي ذهن ٺاهي ورتو آهي ته فيصلي ۾ لکي ڇڏيو، وڪيل جي مرضي آهي جهڙا دليل ڏيڻ چاهيندو اهي ڏيندو. ان تي جسٽس منيب چيو ته بينچ جو هصو هجڻ تي منهنجو حق آهي ته مان سوال ڪريان، چيف جسٽس جواب ڏنو ته ظاهر آهي اوهان سوال ڪري سگهو ٿا پر پهريان وڪيل دليل ته مڪمل ڪري. جسٽس منيب چيو ته معذرت سان منهنجو مسئلو منهنجو سوال آهي ان جو جواب ڏيو.

چيف جسٽس چيو ته فيصل صديقي جيڪڏهن پنهنجا دليل مڪمل نه ڪندو ته اسان هميشه اهو ئي ڪيس ٻڌندا رهنداسين. ان لاءِ اوهان پهريان پنهنجا دليل مڪمل ڪريو. ان تي جسٽس منيب چيو ته مان هن بينچ جو حصو آهيان ۽ منهنجو اهو استحقاق آهي ته مان سوال پڇان. مون کي سوال پڇڻ کان روڪيو ويندو ته بينچ ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں