47

بجلي ڪمپنين جي آفيسرن کي مفت يونٽ بجاءِ روڪ پئسا ملندا: سمري تيار

اسلام آباد: بجلي ڪمپنين جي آفيسرن کي مفت بجلي نه پر هاڻ مفت يونٽ جي حساب سان روڪ پئسا ڏنا ويندا.

توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي گريڊ 17 کان گريڊ 21 جي آفيسرن کي ماهوار مفت يونٽس جي فراهمي بند ڪرڻ جي سفارش تيار ڪري ورتي آهي. توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي طرفان پاور ڊويزن جي سمري  کي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري ملڻ جو امڪان آهي.

مفت يونٽس جي سهوليت ختم ڪرڻ سان ساليانو 6 ارب روپين کان وڌيڪ بچت ٿيندي. ذريعن موجب گريڊ 17 جي آفيسر کي ماهوار 450 مفت يونٽ جي بجاءِ 15 هزار 858 روپيه، گريڊ 18 جي آفيسر کي 600 مفت يونٽ جي جڳهه 21 هزار 996 روپيه ۽ گريڊ 19 جي آفيسر کي ماهوار 880 مفت يونٽ جي بجاءِ 37 هزار 594 روپيه ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب گريڊ 20 جي آفيسر کي ماهوار 1100 مفت يونٽ جي بجاءِ 46 هزار 992 روپيه ۽ گريڊ 21 جي آفيسر کي ماهوار 1300 مفت يونٽ جي جڳهه 55 هزار 536 روپيه ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جنريشن ڪمپني جي آفيسرن لاءِ به اهڙيون ئي تجويزون تيار ڪيون ويون آهن. گريڊ 16 تائين جي ملازمن کي فوري طور تي مفت بجلي گريڊ 17 جي آفيسر کي 24 هزار 570 روپيه، گريڊ 18 جي آفيسر کي مفت يونٽ جي بجاءِ 28 هزار 460 روپيه ۽ گريڊ 19 جي آفيسر کي 52 هزار 720 روپيه ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں