87

فيس بڪ تي دوستي: پنجاب جي رهواسڻ ناري لاڙڪاڻي جي نوجوان سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو: پنجاب جي رهواسڻ ناري لاڙڪاڻي واسي نوجوان سان فيس بڪ تي دوستي بعد پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ ناري تحفظ جي اپيل ڪري ڇڏي.

پنجاب جي ضلعي راولپنڊي جي علائقي گجر خان جي رهواسڻ ناري زرقا تبسم ڌيءَ الطاف حسين راجپوت لاڙڪاڻي ڀرسان ٻيڙو چانڊيو جي رهواسي نوجوان علي اڪبر پٽ ذوالفقار سولنگي سان عدالت ۾ پيار پرڻو ڪري ڇڏيو.

ان حوالي سان ناري ۽ نوجوان جو چوڻ هو ته 6 مهينا اڳ فيس بڪ تي رابطو ٿيو جنهن بعد دوستي ٿي وئي اڄ لاڙڪاڻو ھاء ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف پنجاب واسڻ ناري تبسم جو چوڻ هو ته مون رضا خوشي سان اڪبر سولنگي سان شادي ڪئي آهي مونکي ڪنهن اغوا نه ڪيو آهي مونکي پنهنجي مائٽن مان خطرو آهي.

هنن اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪئي ته مونکي پنهنجي مائٽن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن بهتر زندگي گذاري سگهان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں