47

ميرپورخاص: ڊسٽرڪٽ سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ مان انجيڪشنون ۽ دوائون چوري ڪندي نائب قاصد پڪڙجي پيو

ميرپورخاص: ڊسٽرڪٽ سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ مان غريب مريضن جي علاج لاءِ ڏنل دوائون ۽ انجيڪشنون چوري ڪندي نائب قاصد پڪڙجي پيو، ايم ايس پاران کيس معطل ڪري معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ سول اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ نائب قاصد فيض محمد راھمون ميڊيڪل وارڊ مان مريضن لاءِ آيل دوائون ۽ انجيڪشنون ڪچري واري ڪٽي ۾ کڻي وڃي رھيو ته اتي موجود مريضن جي وارثن کيس ڏسي اسپتال عملي کي اطلاع ڏني جنھن بعد عملي کيس سوگھو ڪري چوري ڪيل دوائون ھٿ ڪري ورتيون جڏهن اھڙي واقعي بعد معاملي جو ايم ايس ڊاڪٽر ھيمجي چوھاڻ نوٽيس وٺي نائب قاصد کي معطل ڪندي معاملي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي.

ڪاميٽي جو سربراهه چيف آر ايم او ڊاڪٽر شھناز لغاري جڏهن ته ميمبرن ۾ سينئر پيٿا لاجسٽ ڊاڪٽر جھامن داس ۽ ڊاڪٽر آصف اسماعيل شامل آهن ڪاميٽي ٻن ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ ايم ايس کي ڏيندي جڏهن ته اسپتال ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل نائب قاصد اڳ به ڪيترائي دفعا دوائون چوري ڪري خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪندو رھيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں