45

سنڌ جي نگران وڏي وزير جو ايم ڊي ڪيٽ جا نتيجا رد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ايم ڊي ڪيٽ 2023ع جي انٽري ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪرڻ ۽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب نگران وڏي وزير ٽيسٽ رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ ايف آءِ اي کي هدايت ڏني آهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي نتيجن جي انڪوائري ڪري رپورٽ ڏني وڃي.
ترجمان ٻڌايو ته وڏي وزير جي حڪم موجب اڳوڻا نتيجا رد ڪري هاڻ ايم ڊي ڪيٽ جي انٽري ٽيسٽ ٻيهر ورتي ويندي، وڏي وزير ڊائو يونيورسٽي کي ٽيسٽ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں