51

شڪارپور ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا طرفان 76 ملازم گهر ڀيڙا، احتجاج

شڪارپور: ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا طرفان 2013 کان وٺي ڀرتي ٿيل ملازمن مان 76 ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. ملازمن کي اين او سي ذريعي اچڻ جواز ڄاڻائيندي ميونسپل مان ڪڍي ڇڏيو

سي ايم او عابد لطيف راجپوت اھڙو ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيو. ملازمن جبري نيڪالي خلاف ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور آڏو ڪلام پاڪ کڻي احتجاج ڪيو، سندن چوڻ هو ته اسان 2013 کان وٺي ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازم آهيون ۽ هينئر اسان کان  سياسي انتقام وٺي اسان کي جبري ۽ غير قانوني طور  رليو ڪيو ويو آهي

ملازمن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان کي بحال نه ڪيو ويو ته اسان پنهنجي مٿان پيٽرول هاري پاڻ کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين. رليو ڪيل ملازمن ۾ ڪلارڪ، پٽيوالا، چوڪيدار ۽ مالھي شامل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں