52

سون جي قيمت ۾ 15 هزار رپين کان وڌيڪ گهٽتائي

ڪراچي: (اڱارو: 10 آڪٽوبر 2023ع) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هزارين رپين جي گهٽتائي ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جا اگهه 12 سيپٽمبر کانپوءِ اڄ جاري ڪيا ويا آهن.
12 سيپٽمبر کان في تولي سون جي قيمت 15 هزار 500 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 13 هزار 546 رپيا سستو ٿي هڪ لک 71 هزار 39 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 55 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1856 ڊالر في اونس آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں