72

ايراني صدر جو سعودي ولي عهد سان فون تي رابطو، فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون

رياض: ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.

سعودي ميڊيا موجب تهران ۽ رياض وچ ۾ امن سمجهوتي کان پوءِ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وچ ۾ اهو پهريون رابطو آهي ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون.

سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ايراني صدر سان ڳالهين ۾ چيو ته سعودي عرب غزه ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ خطي ۽ عالمي اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهين جي لاءِ ڪوشش ڪندو سعودي عرب فلسطينين سان گڏ آهي. فلسطيني عوام کي سندن قانوني حق ملڻ تائين حمايت جاري رکنداسين.

ٻئي طرف ترڪيه جي صدر طيب اردوان به سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ غزه ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي لاءِ ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں