56

خاڻوٺ مان گذريل ڏينهن گم ٿيل نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خاڻوٺ: خاڻوٺ لڳ نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدار مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو.
ان سلسلي ۾ سي آءِ اي پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر علي مرتضيٰ ملاح جي قتل ۾ ملوث جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو.
پوليس موجب قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ خاصائي پٽ قبن واري موري وٽ ڇاپو هنيو ته جوابدار فائرنگ ڪئي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابي ڪارروائي ۾ ڪامو رند مارجي ويو، جوابدار وٽان پسٽل به هٿ ڪيو آهي.
ياد رهي ته 7 ڏينهن اڳ معصوم نينگر علي مرتضيٰ ملاح جو ڪپڙن کان آجو ۽ تشدد ٿيل لاش مليو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں