66

موري ويجهو 3 مهينا اڳ شادي ڪندڙ نوجوان بيروزگاري سبب مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

مورو ويجهو ڳوٺ هوت خان بهراڻي ۾3 مهينا اڳ شادي ڪندڙ نوجوان بيروزگاري سبب مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو آهي

 نوجوان جي والد غلام اصغر جوڻيجو موجب سندس پٽ اقرار حسين جي 3 مهينا اڳ شادي ٿي هئي

والد موجب ڪراچي ۾ پورهئي دوران ٻانهن ۾ ڌڪ لڳڻ بعد پٽ بيروزگار ٿي ويو هو

وارثن موجب اقرار اڄ پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

ٻئي پاسي ڪرونڊي ويجهو ڳوٺ جلال خاصخيلي ۾ نوجوان پيءُ پاران موبائيل فون وٺي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

 وارثن موجب 18ورهين جي محمد رمضان پنهنجي پيءُ علي گوهر خاصخيلي کان موبائيل وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪئي

 پيءُ موبائيل فون وٺي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هن زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو، واقعي بعد آپگهات ڪندڙ نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں