55

سنڌ هاءِ ڪورٽ نسله ٽاور کان پوءِ هڪ ٻئي عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي آگرا تاج ۾ 96 گزن تي ٻڌل پلاٽ تي تعمير ڪيل 9 ماڙ عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 96 گزن تي آگرا تاج ۾ 9 ماڙ عمارت جي اڏاوت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت 9 ماڙ عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ٻن هفتن ۾ عمارت ڊاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت طرفان چيو ويو آهي ته ايس بي سي اي عملدار عمارت ڊاهي پٽ ڪري اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي جمع ڪرائين،  سنڌ هاءِ ڪورٽ الاٽيز جي درخواست به رد ڪري ڇڏي.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 96 گز جي پلاٽ تي 9 ماڙ عمارت ٺاهي فليٽ وڪرو ڪيا ويا. عدالتي حڪمن جي باوجود عمارت تيار ڪئي وئي آهي. عدالتي موڪلن دوران بلڊر پوري عمارت تيار ڪري ڇڏي، فوري طور تي عمارت کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

ٻڌڻي دوران عدالت الاٽيز جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هن عمارت ۾ فليٽ ڪهڙي بنياد تي خريد ڪيا؟ جڏهن توهان فليٽ خريد ڪري رهيا هئا تڏهن توهان ڇو سڀ ڪجهه نه ڏٺو اسان توهان جي درخواست کي رد ڪريون ٿا. هاڻ توهان معاوضي لاءِ ڌار درخواست داخل ڪري سگهو ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں