52

لاهور ۾ ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: مسافرن جي لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي هدايتن تي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو ريليف عوام تائين منتقل ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. ضلعي انتظاميه طرفان موٽر ٽرانسپورٽ فيڊريشن جي عهديدارن سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.

موٽر ٽرانسپورٽ فيڊريشن ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو لاٿ ڪندي. پرائيويٽ اڏن تان هلندڙ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به 10 سيڪڙو لاٿ ڪئي ويندي.

ڊي سي لاهور رافعه حيدر چيو آهي ته موٽر ٽرانسپورٽ فيڊريشن ڀاڙن ۾ فوري طور لاٿ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان عام واهپي جي شين ۽ سفر لاءِ گاڏين جي ڀاڙن ۾ به گهٽتائي ايندي.

هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ تي ڪاروباري ماڻهو ٻين مصنوعات جي شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي آڻيندا. پنجاب جي وڏي وزير جي هدايتن کان پوءِ عوام تائين هر ممڪن ريليف پهچائڻ جي لاءِ ڪوشان آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں