64

شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن طرفان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل، هڪ زخمي

شھدادڪوٽ:شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ لاھوري ڪوٽ وٽان موٽرسائيڪل تي سوار ھٿياربندن مبينا فور جي ڪوشش مزاحمت تي ھڪ  ڄڻو قتل  جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي شھدادڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

خبر موجب سجاول جوڻيجو پوليس ٿاڻي جي حد لاھوي ڪوٽ روڊ تي نامعلوم ھٿيارن جي فور جي ڪوشش دوران فائرنگ ۾ 2 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي شھدادڪوٽ اسپتال آندو ويو جتي ھڪ ڄڻو سونو خان مگسي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته ھڪ جڻو قربان مگسي کي زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

زخمي شھدادڪوٽ اسپتال ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شھر کان ڳوٽ وڃي رهيا ھيا سين ته نامعلوم ماڻهون ڦر دوران فائرنگ ڪئي جنهن سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي.  شهدادڪوٽ ۾ بدامني وڌي وئي آهي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں