58

سلامتي ڪائونسل جو اجلاس: غزه ۾ جنگبندي لاءِ روسي ٺهراءُ رد

نيويارڪ:  سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ روس جي فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگبندي بابت قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن ۾ روس جي 15 رڪني باڊي 9 ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ٺهراءُ جي منظوري لاءِ 9 ووٽ گهربل هئا پر ٺهراءُ جي حق ۾ 5 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ  پيا.

قرارداد جي حق ۾ روس 5 ووٽ حاصل ڪيا جن ۾ چين، گيسون، موزمبيق، روس ۽ متحده عرب امارات شامل آهن جڏهن ته فرانس، جاپان، برطانيه ۽ آمريڪا مخالفت ۾ ووٽ وڌا.

روسي قرارداد تي سلامتي ڪائونسل جي 6 ميمبرن ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو جن ۾ البانيه، برازيل، ايڪواڊور، گهانا، مالٽا، ۽ سوئزرلينڊ شامل آهن.

روسي ٺهراءُ ۾ انساني بنيادن تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو جڏهن ته ٺهراءُ ۾ يرغمال ٿيلن جي آزادي، انساني امداد جي رسائي، غزه ۾ عام شهرين جي محفوظ لڏ پلاڻ جو به مطالبو ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں