46

واهي پانڌي: نوجوان جو گهر ۾ ٽنگيل لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر

واهي پانڌي: واهي پانڌي شهر جي نيو ڪالوني ۾ نوجوان فرحان پٽ مکڻو رستماڻي جو گهر ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو.
اهڙي اطلاع ملڻ تي واهي پانڌي پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارثم لاءِ جوهي اسپتال منتعقل ڪيو آهي.
جڏهن ته نوجوان جي گهر ۾ لاش هٿ اڇڻ واري واقعي کي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي نوجواان ته لاش ملڻ واري اطلاع تي اسان واقعي واري جاءِ تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، پوسٽ مارٽم لاءِ جوهي منتقل ڪيو آهي، وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.

جڏهن ته وارثن پاران اهيو ٻڌايو پيو وڃي ته اسان جون پنهنجي برادري سان دشمنيون هلندڙ آهي اسان جي نوجوان کي قتل ڪري لاش کي گهر ۾ ٽنگيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته نوجوان ڪاڇي جي ڳوٺ ڇڊي رستماڻي جو رهواسي آهي. جيڪو هاڻ واهي پانڌي ۾ رهائش پذير هيو، جنهن جو اڄ هڪ ويران گهر ۾ لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں