46

فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ قائم 5 رڪني بئنچ 23 آڪٽوبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس عائشه ملڪ شامل آهن.
نَو مئي واقعي کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جا ٽرائل هلائڻ جو فيصلو ٿيو هو، سپريم ڪورٽ ۾ فيصلو چيلينج ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں