44

نواز شريف جي واپسي: خصوصي جهاز کي پاڪستان اچڻ لاءِ اين او سي جاري

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پاڪستان واپسيءَ لاءِ سول ايويئيشن اٿارٽي خصوصي جهاز کي پاڪستان اچڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب نواز شريف خليجي ايئر لائيز جي جهاز بوئنگ سيون ٿري ايٽ ذريعي پاڪستان پهچندو، نواز شريف جو خصوصي جهاز سول ايويئيشن کان 21 آڪٽوبر ڏينهن ساڍي 12 وڳي لينڊنگ جي اجازت طلب ڪئي هئي.
سول ايويئيشن خليجي ايئر لائينز جي خصوصي اڏام کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي لينڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
نواز شريف جو خصوصي جهاز سڀاڻي اسلام آباد ۾ لينڊنگ بعد منجهند اڍائي وڳي اسلام آباد کان لاهور روانو ٿيندو، جهاز منجهند 3 لڳي 20 منٽن تي لاهور پهچندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں