مدئجي: مدئجي شهر جي بس اسٽاپ تي نامعلوم چور هول سيل جي دڪانن مان لکين رپين جي چوري ۽ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، دڪاندارن ۽ شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي جندوديرو پل وٽ ڌرڻو هڻي ڇڏيو.
ڳواڻن سترام داس، رابيل سنڌي، راشد جوڻيجو ۽ انعام پنهور ٻڌايو ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ٻن ڏينهن جي خاطري ڪرائي آھي ته ملوث چور، چوري ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي ڏيندس.
مظاهرين موجب پوليس جي لاپرواهي سبب چور سيٺ ڪلتار داس ۽ سريچند جي هول سيل جي دڪانن کي کاٽ هڻي لکين رپين جو سامان کڻي ويا.
مظاهرين پاران فوري طور چور گرفتار ڪري سامان واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
