51

عدالت جو ملازمن کي گاڏين بدران سائيڪلون ڏيڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ شهر ۾ گدلاڻ جي خاتمي لاءِ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين کي فوري طور بند ڪرائڻ ۽ کاتن جي اسٽاف کي سائيڪلون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم ڪوهيڙي جي تدارڪ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ڪمشنر محمد علي رنڌاوا سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت دنهون ڇڏيندڙ گاڏين کي فوري طور بند ڪرائڻ جوحڪم ڏنو ۽ کاتن جي اسٽاف کي فوري سائيڪلن جي استعمال جون هدايتون جاري ڪيون
عدالت ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي تي عملدرآمد ڪرائڻ وارن ادارن کي فنڊ فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت عدالتي حڪمن تي چار مهينا عملدرآمد ڪري سموگ جو خاتمو ٿي سگهي ٿو.
ڪمشنر عدالت خاطرري ڪرائي ته قصور ۾ فيڪٽرين ۽ ڪارخانن کي وارننگ ڏني وئي آهي، عدالتي حڪم موجب سرپرائز وزٽ ڪندس، اسان عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون ته هو پنهنجي خاندان جي نالي تي ٻوٽا پوکين.

عدالت چيو ته عدالت ڏنڊ لاڳو ڪندي آهي پر ماحولياتي آفيسر ڳٺ جوڙ ڪري ڏنڊ گهٽائي ڇڏيندا آهن، دنهون پکيڙيندڙ صنعتن تي پهريان ڏنڊ مڙهيو پوءِ به عمل نه ڪن ته مسمار ڪري ڇڏيو، ڊي سي جي لاهور رڳو آفيس ۾ ويٺي هوندي آهي ڪجهه ناهي ڪندي، ڊي جي آفيس ۽ ٿاڻي ۾ ويٺل ماڻهن جي ٻاهر نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ريلوي جي گالف ڪلب جي ايڊمنسٽريٽر کي تبديل نه ڪرڻ ۽ عدالت جي ڀرپاسي پارڪنگ جو جوڳو انتظام نه هجڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں