57

سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 184 ٿري وارن ڪيسن جي فهرست تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسن فهرست تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني ڪميٽي وڏو فيصلو ڪندي آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسن جي فهرست تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب، رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي آرٽيڪل 184 ٿري وارن ڪيسن فهرست پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي آئين جي تشريح بابت ڪيسن جي فهرست به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
آئيني ڪيسن تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙيا ويندا، ڪميٽي جي اجلاس ۾ جسٽس سردار طارق جسٽس اعجاز الحسن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں