60

امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪامي: ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هٽائڻ جو فيصلو

ڪراچي :سنڌ جي نگران حڪومت طرفان لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال خراب سبب  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي کي هٽائي ناصر آفتاب کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويندو، سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز تصديق ڪري ڇڏي آهي

نگران گهرو وزير لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب پوليس آفيسرن کي تبديل ڪري رهيا آهيون ته جيئن امن قائم ٿي سگهي

حارث نواز موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي به تبديل ڪيو  ويندو، نگران حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں