58

سنڌ اسيمبلي جي پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن بجيٽ  ۾ 50 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جي هڪ نئين مثال سامهون آئي آهي جنهن موجب اسيمبلي جي پرنٽنگ ۽ پبليڪيشن  واري بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ ورپين جي  ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن تي سينئر اسپيشل سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي. سينئر اسپيشل سيڪريٽري خط ۾ معاملو اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻڻ جي سفارش ڪئي آهي.

خط جي متن موجب گذريل 38 سالن کان هينئر تائين 1785 ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن مان صرف 400 ڏينهن جي اجلاس جون تقريرون ۽ بحث مباحثن جو پرنٽ ۾ رڪارڊ موجود آهي. 1384 ڏينهن جو رڪارڊ اڃان تائين پينڊنگ ۾ آهي جڏهن ته ڪافي رڪارڊ گم به ٿي چڪو آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قانون موجب سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي ذميواري آهي ته هو هر اجلاس جي ڪارروائي لاءِ رپورٽ تيار ڪرائيندو. ايم ايڇ ايم حسن شاهه ايوان جي ڪارروائي ۽ رڪارڊ محفوظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ايڊيشنل سيڪريٽري حبيب سميجو پرنٽنگ اينڊ پبليڪيشن جي بجيٽ ۾ 50 ڪروڙ روپين جون بي ضابطگيون ڪيون آهن.

ايم ايڇ ايم حسن شاهه کي غيرقانوني طور تي ترقي ڏئي سينئر اسپيشل سيڪريٽري بنايو ويو. ملوث آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري  ڪري معاملو اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيو ويندو ۽ پينڊنگ ۾ پيل رڪارڊ کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ٽيم جوڙي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں