55

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 4 سالن کان پوءِ پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد:  مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 4 سالن کان پوءِ پاڪستان پهچي ويو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو جهاز اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪري ويو جنهن کان پوءِ هو جهاز کان ٻاهر اچي ويو آهي.

اسحاق ڊار ۽ اعظم نذير تارڙ پارٽي اڳواڻ جي استقبال لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتل آهن جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم جي ملڪ واپسي جي موقعي تي سندس قانوني ٽيم اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچي چڪي آهي. اڳوڻي وزيراعظم سان گڏ 148 مسافر خصوصي جهاز ۾ پاڪستان آيا آهن. جڏهن ته ليگي اڳواڻ عرفان صديقي، ناصر جنجوعه ۽ ڊاڪٽر عدنان به ان سان گڏ آهن.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ملڪ والد جي ملڪ واپسي تي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته منهنجي زندگي جو شايد اڄ سڀني کان وڏو ڏينهن آهي. مان رب پاڪ جي ٿورائتي آهيان جيترا ڏک ۽ تڪليفون نوازشريف گزريل 24 سالن برداشت ڪيا ان جي مثال نٿي ملي. ڪجهه زخم اهڙا آهن جيڪي ڪڏهن به نٿا ڀرجي سگهن.

هن وڌيڪ چيو ته جيترو عروج نوازشريف ڏٺو اهو شايد ئي ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ اچي. پاڪستان اڄ نوازشريف جو هڪ ٻيو  عروج ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو آهي.

نوازشريف جو جهاز پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيندي ئي سندس ننڍي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اڳواڻ کي پنجابي ۾ ڀليڪار چيو. شهباز شريف پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي نوازشريف، جي آيا نون، لکيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں