53

ملڪ ۾ وڌندڙ رڪارڊ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ذهني مريضن جي انگ ۾ روزاني اضافو ٿيڻ لڳو

لاهور: ملڪ ۾ جاري رڪارڊ مهانگائي، بيروزگاري ۽ سياسي انتشار سبب ذهني مريضن جي انگ ۾ روزاني اضافو ٿيڻ لڳو آهي. جڏهن ته هر سال 40 سيڪڙو کان 55 سيڪڙو تائين واڌ سامهون اچي رهي آهي.

نجي چينل پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب اهڙي ذهني بيماري ۾ ڊپريشن، اداسي، مايوسي، پريشاني، سخت ڪاوڙ، چڙچڙوپن، طبيعت ۾ تيزي، ننڊ نه اچڻ، اونڌا سڌا خيال اچڻ شامل آهن. اهڙي سموري عمل ۾ مريض ذهني طور تي مفلوج ٿي ويندو آهي. رڪارڊ موجب لاهور ۾ اهڙي شرح هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته ڊپريشن جي بيماري ۽ ٻين جي شرح 10 کان 15 سيڪڙو آهي.

ٻئي طرف ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي الجهنن سبب پنجاب جي واحد اداري پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ ۾ روزاني جي بنياد تي هڪ هزار کان 1200 مريض ايندا آهن جن ۾ 40 کان 50 کي روزاني اسپتال ۾ داخل ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته ايتري وڏي انگ ۾ مريضن جي لاءِ اسپتال ۾ سهوليتن جي کوٽ آهي. ڊاڪٽر کان وٺي پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ بيڊز جي پڻ کوٽ آهي.

گذريل 3 سالن ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ ۾ مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي. 2002 ۾ اهو انگ 1 لک 70 هزار هئو جيڪو 2021 ۾ وڌي 2 لک تائين هليو ويو آهي. جڏهن ته 2022 ۾ اهو انگ وڌيڪ وڌي 2 لک 50 هزار کان به ٽپي ويو آهي.

ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ ڊاڪٽر شڪيل احمد مونگا چيو آهي ته صوبي جي واحد اداري ۾ سهوليتن جي کوٽ آهي. اسپتال ۾ ٽوٽل بيڊز 1530 آهن جنهن  ۾ 1100 تي مريض داخل رهندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں