59

ٺٽو واٽر سپلائي ريفرنس: آصف زرداري سميت 15 جوابدار احتساب عدالت طلب

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جي خلاف ٺٽه واٽر سپلائي ريفرنس تي اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت 15 جوابدارن کي ٺٽه واٽر سپلائي ريفرنس ۾ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، علي اڪبر، اعجاز ميمڻ، علي اڪبر ابڙو، خواجه عبدالغني مجيد، منايل مجيد ۽ عبدالنديم ڀٽو کي به طلب ڪري ورتو آهي.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير سمورن جوابدارن جي طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ۾ جوابدارن کي 18 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں