50

پيٽروليم شين تي عوام کي رليف ڇو نه ملي سگهيو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: نگران وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جي باوجود پيٽروليم شين تي عوام کي رليف ڏيڻ جي بجاءِ قيمتن کي برقرار رکيو ويو آهي.

ذريعن موجب حڪومت طرفان عوام کي قيمتن تي رليف ڏيڻ جي بجاءِ ليوي ڊيلرز ۽ ڪمپنين جي منافعي ۾ اضافو ڪيو ويو. انگن اکرن موجب ڊيزل تي 6 روپيه 44 پئسا  في ليٽر جڏهن ته پيٽرول تي عوام کي 3 روپيه في ليٽر کان وڌيڪ جو رليف نه ڏنو ويو.  

ذريعن موجب حڪومت عوام لاءِ قيمتن ۾ لاٿ جي بجاءِ ليوي، ڊيلرز ۽ ڪمپنين جو منافعو وڌائي ڇڏيو. انگن اکرن موجب گذريل 15 ڏينهن جي دوران ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت ۾ 5 روپيه 56 پئسا لاٿ ٿي.  جنهن کان پوءِ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 5 روپيه في ليٽر وڌائي وئي. ڊيزل تي آئل ڪمپنين ۽ ڊيلر مارجن ۾ به 88 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو.

پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت ۾ به 3 روپيه 17 پئسا لاٿ ٿي. پيٽرول ۽ او ايم سي مارجن ۾ 47 پئسا في ليٽر اضافو ٿيو. مارجن 7.87 روپيه مقرر ڪئي وئي.  پيٽرول تي ڊيلر مارجن به 41 پئسا في ليٽر وڌائي 8.84 روپيه مقرر ڪيو ويو.

ٻئي طرف ڊيزل تي به تيل ڪمپنين جي مارجن ۾ 47 پئسا اضافو ڪيو ويو. نئين شرح 8.12 روپيه مقرر ڪئي وئي جڏهن ته ڊيزل تي ڊيلر مارجن 41 پئسا وڌائي 8.64 روپيه ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں