59

سنڌ صوبي جا ترقياتي ڪم بند ڪري ماڻهن کي سزا ڇو پئي ڏني وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي: \پ پ اڳواڻ ۽  سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبي جا ترقياتي ڪم بند ڪري اتان جي ماڻهن کي سزا ڇو پئي ڏني وڃي.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪجهه اسڪيمن جي اجازت ڏئي رهيو آهي ته ڪجهه تي اعتراض ٿي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن پنهنجا نوازيو پاليسي تحت ڪم نه ڪرائي.  هن چيو ته ترقياتي اسڪيمن تي پابندي هجڻ ئي نه گهرجي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا نگران هجڻ گهرجن؟ اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي. نگران حڪومت پنهنجو ڪم ڪري.

مراد علي شاهه چيو ته اسان جي ڪنهن سان به شڪايت نه آهي. اسان کي حڪومت هلائڻ جو تجربو آهي. 2022 ۾ جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته ان جون تباهه ڪاريون ختم نه ٿيون. 70 سيڪڙو صوبو پاڻي ۾ ٻڏي ويو. هارين  ۽ آبادگارن کي نقصان پهتو. 21 لک گهر تباهه ٿيا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين نوان گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان تي عمل به ڪيو ويو.

اڳوڻي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پ پ جي ڪوششن سبب جنيوا ڪانفرنس منعقد ٿي. سنڌ واحد صوبو هو جنهن ڪانفرنس جي لاءِ تياري ڪئي هئي. آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو مسلسل رابطي ۾ هئا.  هنن جي مون سان جڏهن به ناراضگي ٿي اها انهن ڳالهين تي ٿي ته اوهان ٻوڏ متاثر ماڻهن وٽ جلدي پهچو. اسان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ پئسا ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ ۽ ٻين ذريعن کان جمع ڪيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں