76

آڪٽوبر مهيني دوران مهانگائي ۾ ڪيترو اضافو ٿيو؟ شماريات کاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

.

اسلام آباد:شماريات کاتي گذريل مهيني آڪٽوبر جي مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.

شماريات کاتي موجب آڪٽوبر 2023 ۾ مهانگائي جي شرح 26.88 ۽ جولاءِ کان آڪٽوبر تائين مهانگائي جي شرح 28.48 سيڪڙو رهي.

شماريات کاتي موجب آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ مهانگائي ۾ 1.07 سيڪڙو ۽ ڳوٺن ۾ مهانگائي ۾ 1.10 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ مهيني دوران بصر 38.7 سيڪڙو، ڀاڄيون 17.7 سيڪڙو، فروٽ 6.4 سيڪڙو، آنا 6 سيڪڙو ۽ پٽاٽا 3.72 مهانگا ٿيا. جڏهن ته هڪ مهيني دوران بجلي 8.2 ۽ ميرج هال جو ڪرايو 5.4 سيڪڙو وڌيو.

شماريات کاتي موجب سالياني بنيادن تي مصالحا 84.5 سيڪڙو، هڪ سال ۾ کنڊ 69.9 سيڪڙو، آنا 63.3 سيڪڙو، چانور 62.2 سيڪڙو، لوبيا 56.6 سيڪڙو چانهه 54.9 مهانگا ٿيا.

شماريات کاتي ٻڌايو آهي ته هڪ سال ۾ درسي ڪتاب 85 سيڪڙو، دوائون 36.6 سيڪڙو، موٽر فيول 30.8 سيڪڙو جڏهن ته گيس 62.8  ۽ بجلي 50.6 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں