67

8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو، سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو لڳائي ڇڏيو: آصف زرداري

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري مڪاني چونڊن ۾  پ پ جي فتح تي عوام جو ٿورو ادا ڪندي پارٽي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو لڳائي ڇڏيو. مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد جي ڪاميابي ڪراچي جي مخالفن لاءِ خاص پيغام آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي جو هر ڪارڪن شهيد بينظير ڀٽو جو سفير بڻجي چونڊ مهم شروع ڪندو، 8 فيبروري  جو سج بلاول ڀٽو زرداري جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو. عوام جي پريشانين جا ڏينهن ٿورا رهجي ويا آهن. پ پ عوامي پريشانين کي ختم ڪندي.

ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ جيالي اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر مرتضيٰ وهاب، سلمان عبدالله مراد ۽ ڊپي ميئر سکر ارشد مغل کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ نفرت ۽ ورهاست جي سياست کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ڏئي ڇڏي آهي.عوام  پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هاڻ انشاءَالله 8 فيبروري تي به پاڪستان پيپلز پارٽي جي سوڀ يقيني آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں