63

ترقي جو سفر جتان کان بيٺو اتان کان شروع ڪنداسين: نوازشريف

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چئن سالن کان پوءِ پنهنجي سياسي سرگرمين جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي.

نوازشريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. ليگي اڳواڻ نوازشريف تقريبن ساڍن 4 سالن کان پوءِ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون پهتو ته شهباز شريف سميت سينئر ليگي اڳواڻن سندس استقبال ڪيو.

ان موقعي تي مريم  نواز، خواجه آصف، اسحاق ڊار، احسن اقبال سميت(ن) ليگي اڳواڻ به موجود هئا. نوازشريف پارٽي سيڪريٽريٽ جي مختلف حصن جو معائنو پڻ ڪيو ۽ پارٽي اڳواڻن جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ آهي. مسلم ليگ(ن) پهريان به پاڪستان جي ترقي جي سياست ڪئي ۽ اڳيان به اهو سفر جاري رهندو. اسان تمام جلد پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائينداسين.

نوازشريف پارٽي ڪارڪنن کي به چونڊن جي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مشاورتي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته نوازشريف کي واپس اچڻو ئي هو شريف خاندان سڀني کان وڌيڪ ڪوڙن ڪيسن کي  منهن ڏنو ۽ سزائون ڪاٽيون آهن سڀني کي چونڊن ۾ برابر جو موقعو ملڻ گهرجي. سمورين سياسي پارٽين جو چونڊ نشان بيلٽ پيپر تي هجڻ گهرجن.

خواجه سعد رفيق چيو ته افغانستان جو معاملو انتهائي حساس آهي پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏ هلڻو  ته آهي پر انهن کي سيڪيورٽي جا معاملا به ڏسڻا آهن.

خواجه سعد رفيق واضح ڪيو ته ڪنهن جا به هٿ ٻڌل نه هجڻ گهرجن. اسان ماضي ۾ نه استعيفيٰ ڏنا نه ئي وري ڌرڻا هنيا. هاڻ 2023 ۾ به ميدان ۾ ڄمي مقابلو ڪنداسين. جيل ۾ موجود سياستدانن جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي. هن نوازشريف کي پارٽي جو صدر بنائڻ وارين ڳالهين کي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں