70

اسحاق ڊار جنرل(ر) باجوه سان اختلافن جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ اسحاق ڊار اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) باجوه سان پنهنجن اختلافن جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.

نجي چينل سان ڳالهين دوران اسحاق ڊار کان سوال ڪيو ويو ته جنرل باجوه کي آرمي چيف بنائڻ ۾ وڌيڪ ڪردار اوهان جو هو پر ان جي باوجود اوهان ٻنهي ۾ اختلافن جو سبب ڪهڙو بڻجو.؟

ان جي جواب ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته مان وڌيڪ سمارٽ نٿي بنجڻ چاهيو پر اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) باجوه سان اختلافن جو سبب فنانشل(مالياتي خسارو) هو.

جنرل(ر) باجوه کي آرمي چيف بنائڻ دوران تعاون ڪرڻ بابت سوال تي اڳوڻي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته شروعاتي طور تي مون هميشه جنرل(ر) باجوه کي مڃيو. جنرل(ر) باجوه ڊان ليڪس جي انڪوائري رپورٽ جي حوالي سان مون کي بيلنس پوزيشن لاءِ سپورٽ ڪيو هو. ڊرافٽ رپورٽ ۾ پاناما  ۽ جي آءِ ٽي جيان ايجنسي جا 2 برگيڊيئر ۽ 4 سول سرونٽس هئا انهن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قدم کڻڻ لاءِ ريڪمنڊ ڪيو هو؟ جيڪو غير شفاف عمل هو.

اسحاق ڊار موجب ان حوالي سان نوازشريف چٽو واضح ڪري ڇڏيو هو ته مون پرويزرشيد کان استعيفيٰ وٺي ڇڏيو آهي. طارق فاطمي کان به استعيفيٰ اسان وٺنداسين. اسان صحافي رل الميڊا جي اي پي اين ايس کي رپورٽ ڪنداسين پر ان کان اڳيان اسان نه وينداسين. ان ڳالهه تي مون جنرل(ر) باجوه کي راضي ڪيو  جنهن کان پوءِ هن تعاون ڪيو هو جنهن جو اڄ به اسان کيس ڪريڊٽ ڏيندا آهيون.

اسحاق ڊار ٻڌايو ته ڊان ليڪس جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جي ريجيڪٽڊ ٽوئٽ وائرل ٿيڻ تي به مون کيس راضي ڪيو ته اوهان جي ماڻهن صحيح نه ڪيو آهي. ان کان پوءِ انهن پنهنجي هڪ ٻن ساٿين کي اوور رولڊ ڪيو. ان کان پوءِ سموريون شيون اوهان جي سامهون آهن. جنرل باجوه  مٿان سوشل ميڊيا تي اٽيڪ ڪيو ويو. منهنجي ان سان ان وقت تائين ئي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي.

ميزبان جي سوال تي اسحاق ڊار واضح ڪيو ته مان وڌيڪ عتاب ۾ ان لاءِ آيس ته مون کي ڊان ليڪس جي رپورٽ کي صحيح ڪرائڻو هو. جنرل باجوه کان ٻنهي شين ۾ ڊيل ڪئي جيڪا مون کان اڳ چوڌري نثار، فواد حسن فواد، جنرل بلال اڪبر ۽ جنرل نويد مختيار ڪندا هئا. پر انهن سڀني کان به جڏهن ٽوئٽ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو ته مون جنرل باجوه ۽ نويد مختار سان  ڳالهيون ڪيون ۽ پوءِ اهي به راضي ٿي ويا جيڪا سٺي ڳالهه آهي. جيڪي غلط ڪم ٿيا انهن کي صحيح ڪيو ويو پر ان کان پوءِ اهي پريشر ۾ اچي ويا.

اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ان کان پوءِ اسان جا ڪجهه پاڪستاني ذريعا استعمال ڪرڻ تي مسئلا ٿيا هئا جنهن جي  خبر ڪيترن ئي ماڻهن کي آهي.

جنرل(ر) باجوه طرفان دفاعي بجيٽ وڌيڪ گهرڻ تي سامهون ايندڙ اختلاف جي سوال تي اسحاق ڊار چيو ته ڪنهن به حڪومت پنهنجي دور ۾ دفاعي بجيٽ ۾ 550 بلين جو اضافو نه ڪيو. اسان جي اختلافن جو سبب فنانشلي(مالياتي) هئا پر اهي پئسا منهنجي يا ان جي کيسي ۾ نه وڃڻا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں