67

ميانوالي ايئربيس حملي ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

راولپنڊي: ميانوالي ايئربيس تي حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن کان پرڏيهي هٿيار ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپوٽ موجب گذريل ڏينهن ميانوالي ايئربيس حملي بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. ميانوالي حملي ۾ مارجي ويل دهشتگردن کان پرڏيهي هٿيار مليا آهن. ميانوالي ايئربيس حملي ۾ دهشتگردن کان هٿ ايندڙ هٿيار آمريڪي ساخت جا آهن.

ماهرين جو چوڻ آهي ته افغان زمين تي آمريڪا جا تيار ڪيل هٿيار کلي عام وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ دهشتگردن تائين انهن جي پهچ انتهائي آسان آهي. آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ وڏي انگ ۾ موجود آهن جيڪي دهشتگرد پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن.

دفاعي معاملن جي ماهرن موجب پاڪستان جي خلاف پرڏيهي زمين جو استعمال ۽ آمريڪا جي افغانستان مان واپسي کان پوءِ دهشتگرد آزادانه پرڏيهي هٿيار جو استعمال ڪندا رهيا آهن. ان کان اڳ به زوب ڪنٽونمينٽ حملي ۾ به آمريڪي هٿيارن جو استعمال ٿيو هو. افغان حڪومت کي پنهنجي زمين دهشتگردي جي استعمال کان روڪڻو پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں