80

پٽ شادي نٿو ڪرائي: 80 ورهين جو پيرسن پيءُ پٽ خلاف عدالت پهچي ويو

جيڪب آباد: جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ جاڙا واهه جو رهواسي 80 ورهين جو پيرسن پيءُ پٽ جي خلاف عدالت پهچي ويو

پيرسن منٺار علي جتوئي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پهچي ويو جتي هن دانهيندي چيو آهي ته پٽ کي نوڪري وٺي ڏنم جنهن مان هو هاڻ رٽائرڊ ٿي ويو آهي، گهڻيون منٿون ڪرڻ باوجود پٽ منهنجي شادي نٿو ڪرائي.

پيرسن پيءُ منٺار علي جتوئي شادي نه ڪرائڻ خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته مون کي ٻئي شادي ڪرڻي آهي پر پٽ منهنجي شادي نٿو ڪرائي. گهڻيون منٿون ڪرڻ باوجود پٽ انڪار ڪري رهيو آهي جنهن کان پوءِ مجبور ٿي عدالت پهتو آهيان. مون کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي. يقين آهي ته عدالت پٽ کي پابند ڪندي ته هو منهنجي شادي ڪرائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں