59

مدئجي ڀرسان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، هڪ زخمي

مدئجي:  مدئجي ڀرسان ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ويجهو گهر پنهنجا  ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. جنهن دوران 2 سڳا ڀائر دودو شر ۽ وحيد شر مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو لال بخش شر  سخت زخمي ٿي پيو آهي.

ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ويجهو گهر پنهنجا  ۾ دودو شر ۽ وحيد شر گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي مارجي ويا، ھڪ ڄڻو لال بخش  زخمي ٿي پيو. ڊکڻ پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي  لاش تحويل ۾ وٺي  لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال مدئجي  اماڻيا ويا. جڏھن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته واقعو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي  تڪرار تان پيش آيو آھي پوليس  لاشن کي  تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، واقعي جي جاچ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو

ياد رهي ته ڪجھ سال اڳ مزاري شر کي قتل  ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري اهو واقعو پيش آيو  هن وقت تائين ٽوٽل 3 ڄڻا قتل ۽ ھڪ زخمي ٿي پيو آهي. ٻئي طرف ٻنهي ڀائرن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں