59

(ن) ليگ جي صوبي ۾ وڏي تنظيمي تبديلي: بشير ميمڻ سنڌ جو صدر مقرر

ڪراچي: پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ صوبي ۾ وڏي تنظيمي تبديلي ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل(ايف آءِ اي) بشير ميمڻ کي مسلم ليگ(ن) سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاهه محمد شاهه  مسلم ليگ(ن) سنڌ جو نائب صدر هوندو.

نوازليگ طرفان مقررين بابت باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. بشير ميمڻ کي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت کان پوءِ 29 سيپٽمبر 2023 تي استقباليه ڪميٽي سنڌ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو هو. بشير ميمڻ کي نوازشريف  جي ملڪ واپسي تي آجيان ڪندڙ ڪميٽي جو ڪنوينر به مقرر ڪيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں