84

وفاقي سرڪار مهانگائيءَ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي، شرح ۾ 0.49 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح 0.49 سيڪڙو وڌي وئي آهي، شماريات کاتي پاران انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، جن موجب هفتي ۾ 28 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون، 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي 403 رپيا 85 پئسا مهانگو ٿي 1370 رپيا 41 پئسا جو ٿي ويو، جڏهن ته مرغي 33 رپيا 87 پئسا، پٽاٽا 2 رپيا 46 پئسا، بصر 3 رپيا 37 پئسا في ڪلو مهانگا ٿي ويا، اهڙي طرح دال چڻا 3 رپيا 80 پئسا، دال مڱ هڪ رپيو 62 پئسا مهانگي ٿي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں