100

مشهور پارٽي کي جڳهه نه ڏيڻ جو فائدو غير سياسي پارٽيون کڻنديون، ملڪ ۾ وڌيڪ تجربا نه ٿيڻ گهرجن: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد:  پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پارٽي علي امين گنڊاپور سان بيٺل آهي، اسان جي جلسن ۾  ڪي به سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪيا ويا، پنهنجي وسيلن مان جلسا ڪري رهيا آهيون.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته آئين ۾ ترميم پنهنجي مفاد لاءِ ڪئي پئي وڃي، آئيني عدالتن جو ڪوبه جواز نه آهي، سپريم ڪورٽ کي مضبوط ڪريو.

بيرسٽر گوهر چيو ته ارباب اختيارين کي اپيل آهي ته سختيون ختم ٿينديون ته معاملا اڳيان وڌندا، جيڪڏهن مشهور پارٽي کي جڳهه نه ڏينداسين ته عير سياسي طاقتن کي فائدو ٿيندو. ملڪ ۾ وڌيڪ تجربا نه ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته اسان هميشه جلسي جي لاءِ اين او سي ورتو، هي شرطون اهڙيون رکندا آهن جو جلسو نه ٿئي، جلسو ڪو فلم شو ناهي جنهن جي لاءِ وقت ڏنو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي قيادت جلسي ۾ پهتي رستا بند ٿيڻ سبب لاهور جلسي ۾ خيبرپختونخواهه جي قيادت نه پهچي سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي طلب ڪيل وضاحت بدنيتي تي ٻڌل هئي، 12 جولاءِ جي آرڊر ۾ لکيو هو ته ڪنهن به ڌر کي ڪوبه مسئلو آهي ته چيمبر ۾ رابطو ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں