82

ٽربيونل تبديلي ڪيس: اليڪشن ڪميشن جو پي ٽي آءِ وڪيلن کي اڱاري تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن چونڊ ٽربيونل تبديلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي تحريڪ انصاف جي وڪيلن کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ اڱاري تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ چونڊ تربيونل جي تبديلي بابت ڪيس جي اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن دوران درخواستگذارن جا وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن ۽ مسلم ليگي ميمبر انجم عقيل جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو. چيف اليڪشن ڪمشنر پي ٽي آءِ جي وڪيلن طرفان 2 هفتن جو وقت ڏيڻ جي استدعا رد ڪندي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ اڱاري تائين جو وقت ڏئي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں