52

پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ گورنر ۾ وي سيز جي مقرري واري معاملي تي اختلاف چوٽ چڙهي ويا

لاهور: پنجاب جي 13 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري واري معاملي تي گورنر ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن.

گورنر هائوس جي ذريعن موجب پنجاب جي گورنر وي سيز جي مقرري جون سفارشون رد ڪري واپس اماڻي ڇڏيون جڏهن ته وزيراعليٰ مريم نواز جي منظوري سان 13 مان 7 وي سيز جي مقرري ڪئي وئي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته گورنر جي منظوري کان سواءِ 7 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي مقرري ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر سفارشون رد ڪندي ڪجهه اعتراض به اٿاريا ويا، اٿاريل اعتراضن ۾ چيو ويو آهي ته وائس چانسلر جي پينل ٺاهڻ جو عمل صحيح نه هو، ٻيهر جائزو وٺو، وائس چانسلر طرفان پينل  ٺاهڻ ۾ بهتر مقابلو ڏسڻ ۾ نه آيو، وزيراعليٰ طرفان پينل اماڻي سگهجي ٿو، سليڪشن نٿي ڪري سگهجي.

گورنر هائوس جي ذريعن چيو آهي ته وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جو اختيار گورنر کي حاصل آهي، وائس چانسلر جو پينل ٺاهڻ ۾ شفافيت هئي، ڪابينه جي منظوري کان پوءِ وي سي جي سليڪشن ڪئي وئي.

ٻئي طرف وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن چيو آهي ته گورنر جو ڪم صرف صحيح ڪرڻ آهي، سمري واپس نٿي اماڻي سگهجي، وائس چانسلر جي مقرري وزيراعليٰ جي منظوري سان قانون موجب آهي.

واضح رهي ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي کي وائيس چانسلر پنجاب يونيورسٽي، پروفيسر شاهد منير کي وائس چانسلر انجنيئرنگ يونيورسٽي لاهور ۽ پروفيسر عاطف انور کي وي سي يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پروفيسر احمد شجاع کي وي سي يونيورسٽي آف گجرات، پروفيسر عنايت کي وي سي انجنيئرنگ يونيورسٽي ٽيڪسلا، پروفيسر عامر اعظم کي وي سي خواجه فريد يونيورسٽي رحيم يار خان ۽ پروفيسر زبير اقبال کي وي سي بهاءُالدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان مقرر ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں