63

مخصوص سيٽن لاءِ سني اتحاد نه تحريڪ انصاف اهل آهي: جسٽس يحيٰ جو اختلاف نوٽ جاري

اسلام آباد: مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحيٰ آفريدي  26 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جسٽس يحيٰ جي اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته سني اتحاد ڪونسل مخصوص سيٽن کي حاصل حاصل ڪرڻ جي لاءِ آئيني گهرجن تي پوري ناهي لٿي. سني اتحاد مخصوص سيٽون وٺڻ جي اهل ناهي ان جون درخواستون رد ڪيون وڃن  ٿيون.

اختلافي نوٽ  ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، مخصوص سيٽن جي لاءِ اهل آهي، اليڪشن ڪميشن ڌرين کي ٻڌي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري.

اختلافي نوٽ موجب 3 جون کان ڪيس هلي رهيو هو، پي ٽي آءِ 26 جون تائين ڪابه درخواست ناهي ڏني، 26 جون تي پي ٽي آءِ جي ڌر بنجڻ جي درخواست آئي، بيرسٽر گوهر جاري ڪيس ۾ مدد جي درخواست ڏني، پر پي ٽي آءِ پنهنجي حق ۾ ڪنهن به ڊڪليريشن جي استدعا ناهي ڪئي.

جسٽس يحيٰ آفريدي لکيو ته اليڪشن ڪميشن ڌرين کي ٻڌي 7 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري ۽ مخصوص سيٽن جي لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جو ٻيهر جائزو وٺي.

ياد رهي ته ڪالهه سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججز مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي هڪ دفعو ٻيهر حڪم ڏنو ويو هو ته هو مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي نوٽيفاءِ ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں