55

حڪومت سان ڪيل معاهدي جو مدو ختم، جماعت اسلامي 29 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور:حڪومت سان ڪيل معاهدي جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ جماعت اسلامي 29 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم چيو آهي ته حڪومت بجلي جي قيمتن جي حوالي سان معاهدو ڪيو هو ته 45 ڏينهن ۾ سموريون شرطون مڃينداسين پر انهي تي عمل نه ٿي سگهيو.

حافظ نعيم چيو ته آءِ پي پيز کان  بجلي وٺڻ کان سواءِ  ادائيگي ڪئي ويندي آهي، ملڪ ۾ بيروزگاري سبب مايوسي پکڙيل آهي، وزيرن جون مراعتون ختم ڪري بجلي جون قيمتون گهٽ ڪيون وڃن، موجوده نظام تي خاموشي اختيار نه ڪنداسين، مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڌرڻو به هڻنداسين.

هن چيو ته قوم مهانگائي، اٽي، کنڊ، بجلي جي بلن جي صورت ۾ بل ادا ڪري رهي آهي. ٽيڪس انهي لاءِ لڳندو آهي ته جيئن جاگيردارن ۽ آءِ پي پيز کي  ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وڃي، ٻارن جي صحت جون سهولتون نه ملي رهيون آهن. اهڙو نظام جنهن ۾ برباد ٿي رهيا آهيون انهي تي خاموشي اختيار نه ڪنداسين.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت جماعت اسلامي جي احتجاج جي نتيجي ۾ معاهدو ڪيو ته 45 ڏينهن ۾ سموريون شرطون مڃينداسين. حڪومت چيو ته آءِ پي پيز جون رپورٽون تيار ڪنداسين جنهن سبب عوام کي رليف ملندو. ان دوران جماعت گهر نه ويٺي، پر حڪومتي رابطا به جاري رکيا ۽  8 جلسا به گڏ ڪيا. هن چيو ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ نئين مزاحمتي تحريڪ شروع ڪنداسين احتجاجي ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍنداسين. 23 کان 27 آڪٽوبر تائين پاڪستاني عوام سان رابطو ڪري ريفرنڊم ڪنداسين جنهن ۾ عوام فيصلو ڪندو ته بلن جي ادائيگي ڪرڻ گهرجي يا نه. هاڻ حڪومت کي بجلي جا بل ادا نه ڪنداسين. 5 ڏينهن چوڪن چوراهن تي عوام کان پڇنداسين.  اسان وٽ ملين مارچ جو به آپشن آهي جيڪو لانگ مارچ جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي، آءِ پي پيز کي هاڻ لغام ڏيڻي پوندي. رپورٽ مان ڪجهه نه ٿيندو. جيڪڏهن جماعت اسلامي تحريڪ نه هلائي ها ته حڪمران 14 روپين جو رليف نه ڏين ها پر وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏين ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں