60

مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف جو حق آهي، اليڪشن ڪميشن جلد اعلان ڪري: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف جو حق آهي، اليڪشن ڪميشن 38 ايم اين ايز جو جلد  اعلان ڪري، پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اوهان چوٿون اجلاس به ڪري ورتو پر ان باوجود فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار تي سوال اٿاريو آهي، جنهن آئيني ترميم سبب عدليه تي پابنديون لڳيون انهي کي اسان قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي دير وارن طريقن سبب خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊون دير جو شڪار ٿيون. مطالبو ڪريون ٿا ته 38 ايم اين ايز جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن.

بيرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي 28 سيپٽمبر تي پنڊي ۾ جلسو ضرور ٿيندو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي ڪيس  جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، چونڊ نشان نه ملڻ سبب سياسي پارٽي جو اليڪشن وڙهڻ جو آئيني حق متاثر ناهي ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں