60

آصف زرداري، نوازشريف خلاف توشه خانه ڪيس واپس نيب ڏانهن اماڻڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: احتساب عدالت آصف زرداري نوازشريف جي خلاف توشه خانه ڪيس واپس نيب ڏانهن اماڻڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

احتساب عدالت اسلام آباد ۾ نوازشريف، آصف علي زرداري، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي خلاف توشه خانه گاڏين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.

نوازشريف جو وڪيل قاضي مصباح الحسن ۽ نوازشريف جو پليڊر رانا عرفان عدالت جي سامهون پيش ٿيا. احتساب عدالت نمبر 3 جي جج عابده ساجد چيو ته سموريون ڌريون انهي نقطي تي متفق آهن ته هي ڪيس هن عدالت جو اختيار نه آهي.

صدر آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ نيب ترميمي قانون عدالت جي سامهون پڙهي چيو ته نيب ترميم کان پوءِ هي ڪيس هن عدالت  جي اختيار جو نٿو بڻجي هي ڪيس 90.5 ملين جو آهي جيڪي 500 ملين کا گهٽ بڻجن ٿا، هن ڪيس کي واپس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻيو وڃي.

نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جڏهن هڪ ڪيس عدالت جي اختيار جو نه آهي ته ميرٽ ڊسڪس نه ٿيندي، آصف علي زرداري چيڪ ڏنو جيڪو بائونس ٿي ويو هو، آصف علي زرداري جو ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن اماڻيو وڃي. نوازشريف جو ڪيس ڌار هوندو ۽ آصف علي زرداري جو ڪيس ڌار هلندو هي ڪيس اتي ئي رڪيل رهندو جيستائين  آصف علي زرداري صدر آهي. عدالت نوازشريف جي حد تائين ريفرنس واپس اماڻي ڇڏي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته  جيڪڏهن هي عدالت ڪيس واپس ڪرڻ جي بجاءِ ڪنهن ٻئي عدالت اماڻيندي ته هي ميرٽ ڪوڊسڪس ڪرڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن عدالت هي ريفرنس پاڻ وٽ رکي ٿي ته اها قانون جي ڀڃڪڙي آهي. آصف علي زرداري ۽ نوازشريف جي خلاف توشه خانه گاڏين جو ريفرنس هلندو يا نه، عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 14 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں