94

سامارو ڀرسان عدالتي حڪم تي زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ٽن عورتن، مردن ۽ ٻارن سميت 9 گهر ڀاتي پورهيت بازياب

سامارو:سامارو لڳ عدالتي حُڪم تي زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ٽن عورتن مردن ٻارن  سميت 9 گھر ڀاتي پورھيت مزدورن کي بازياب ڪرائي سامارو ٿاڻي تي آندو ويو, پوليس موجب بازياب ڪرايل مزدورن کي اڄ عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾ ديھ 337 جي رھواسي درخواست گذار محبوب علي پٽ لال بخش چانڊيو جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي سامارو پوليس سامارو ڀرسان زميندار محمد پريل ڀرڳڙي جي زرعي زمين تي مبينا باندي ڄاڻايل  چانڊيا برادري جي 3 عورتن،  3 مردن، 3ٻارن سميت 9 پورھيت مزدورن کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، جن ۾ 54 سالن جي عورت اختر خاتون زال لال بخش،  25 سالن جي عورت مريم زال منور علي، سليمت زال وقار علي، 30 سالن جو منور پٽ لال بخش، 15 سالن جو زمان پٽ لال بخش، 10 سالن جي راڻي ڌيءَ لال بخش چانڊيو سميت 3عورتن 3مردن ۽3 ٻارن سميت9 گھر ڀاتين پورھيت مزدورن کي بازياب ڪرائي سامارو ٿاڻي تي آندو ويو آھي.

ان موقعي تي عدالت ۾ درخواست گذار محبوب علي چانڊيو ۽ بازياب ڪرايل پورھيتن ميڊيا آڏو دانھيندي الزام ھڻندي چيو ته ھڪ سال کان مٿي عرصو زميندار محمد پريل ڀرڳڙي وٽ سندس زرعي زمين تي زميني پورھيو مزدوري ڪئي زميندار اسانجي پورھئي مزدوري جو حساب ڪتاب نه ڪيو ۽ زميني مزدوري جي سموري بچت نه ڏني۽ کاڌي پيتي بيماري توڙي خوشي غمي ۾ ڪجھ به نه ڏنو اسان غريبن جي پورھئي جو سمورو اُجورو ھڙپ ڪري ويو ۽ اسان کي واڙي جبري پورھيو وٺندو رھيو لکين روپيا مزدوري نه ڏني اھڙي درخواست عدالت ۾ ڏني جنھن بعد زميندار اسان غريبن جون ٻڪريون رڍون پڻ ڪاھي ويو اسان غريبن سان زميندار ظُلم ۽ ڏاڍ ڪيو آھي اسان کي پورھئي جي لکين روپيا بچت ۽ چوپايو مال واپس ڏياري انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي ٻئي طرف سامارو پوليس موجب بازياب ڪرايل پورھيتن کي اڄ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں