53

ڪوٽ غلام محمد ڀرسان تيز رفتار ڪار جو بيٺل ٽرڪ کي ٽڪر، زال مڙس فوت، 2 ڄڻا سخت زخمي

ميرواه گورچاڻي: ڪراچي کان ڪوٽ غلام محمد ايندڙ ڪار جو ڪوٽ غلام محمد ڀرسان حادثو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 سخت زخمي ٿي پيا. ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ميرپورخاص مين روڊ تي ڪار جو روڊ تي بيٺل ٽرڪ کي پويان کان ٽڪر جي نتيجي ۾ عرفان قائم خاني ۽ سندس گهرواري نازمانہ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا  جڏهن ته سندس پٽ 12 ورهين جو حماد پٽ عرفان، ڪار ڊرائيور عبداللّه  سخت زخمي ٿي پيا جن کي پهريان تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڪوٽ غلام محمد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. فوتي عرفان قائم خاني ۽ سندس گهرواري نازمانہ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي سندن گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں