53

سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي 8 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 8 خوارج دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 8 خوارج دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هٿيارن ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

مارجي ويل خوارج سيڪيورٽي فورسز جي خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين سان گڏوگڏ معصوم شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم هئا.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته دهشتگردن جي خلاف ڪليننگ آپريشن جاري آهي ته جيئن علائقي  مان ڪنهن ٻئي خارجي کي ختم ڪري سگهجي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں