62

ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ گيس پائپ لائين پروجيڪٽ جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ تي اتفاق

نيويارڪ: پاڪستان ۽ ايران اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ ۽ گيس پائپ لائن پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ سامهون ايندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسود پزشڪيان سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مسعود پزشڪيان شهيد صدر آيت الله رئيسي جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل سمجهوتن کي آخري شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تهران جي عزم جو اعلان ڪيو.

ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻڌايو ته صدر مشعود پزشڪيان واپار بابت ڏيتي ۾ سهولت جي لاءِ ريلوي ۽ روڊ ٽرانسپورٽ جو وسيع نيٽ ورڪ ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو ته اقتصادي، سياسي مواصلاتي ۽ سيڪيورٽي جون گهرجون سامهون رکيون وڃن.

وچ اوڀر جي حوالي جي حوالي سان ايراني صدر چيو ته مسلمانن جي وچ ۾ تفرقو نه هجي ها ته اڄ اسرائيل اهڙا ڏوهه ڪرڻ جي جرئت به نه ڪري سگهي ها.

ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لبنان تي اسرائيل جي تازن حملن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نيتن ياهو پنهنجي ڏوهه جو سلسلو روڪڻ جو ڪوبه ارادو نٿو رکي پر پنهنجي فسطانيت جو دائرو پوري خطي ۾ پکيڙڻ چاهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں