83

پريڪٽس پروسيجر ڪميٽي جي معاملي تي خدشا: چيف جسٽس جسٽس منصور کي جوابي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي معاملي تي چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه کي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو هو، جسٽس منصور علي شاهه خط لکي صدارتي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪيو هو ۽ جسٽس منيب اختر جي ڪميٽي مان نڪرڻ تي به سوال اٿاريو هو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه جي خط تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جوابي خط لکيو آهي پر  چيف پاڪستان جي لکيل جوابي خط جا لکيل اکر سامهون نه اچي سگهيا آهن. ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس منيب اختر کي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جا 11 سبب ٻڌايا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس پنهنجي جواب ۾ لکيو ته جسٽس منيب اختر جو سينئر ججز سان رويو انتهائي سخت هو، اهڙو جسٽس منصور شاهه اوهان جي زور تي ڪيو ويو. قانوني طور تي اوهان انهي ڳالهه تي سوال نٿا اٿاري سگهو ته چيف جسٽس ڪنهن جج کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو، مان هميشه احتساب ۽ شفافيت جو حامي رهيو آهييان، جسٽس منيب اختر کي ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ جو اوهان کي سبب ٻڌائي رهيو آهيان.

چيف جسٽس پنهنجي خط ۾ لکيو ته جسٽس منصور قانوني طور تي اوهان مون کان نٿا پڇي سگهو ته مان ٽيون ميمبر ڪنهن کي نامزد ڪريان، ڪنهن کي نه ڪريان، پر ڇو ته مان هميشه احتساب ۽ شفافيت جي حمايت ڪندو آهيان، مان  اهي سبب به ڏيندس، مان سبب ٻڌائيندس ته جسٽس منيب اختر کي ڇو تبديل ڪيو ويو، اهو ياد رهي ته مان اهو سڀ ڪجهه اوهان جي زور ڀرڻ تي ڪري رهيو آهيان ته جيئن ڪو ناراض نه ٿي وڃي.

قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور کي پنهنجي جوابي خط ۾ لکيو ته جسٽس منيب اختر پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون جي سخت مخالفت ڪئي هئي. جسٽس منيب انهن 2 ججن مان هو جنهن گرمين جون سموريون موڪليون گذاريون، ڪيس جو بار هجڻ باوجود لاپرواهه ٿي گرمي جو پوريون موڪليون ڪيون، جسٽس منيب موڪلن جي دوران عدالت جو ڪم ڪرڻ جي لاءِ موجود نه هو. موڪلن تي هجڻ باوجود هن ڪميٽي جي گڏجاڻين ۾ شرڪت تي زور ڀريو،  جيڪو ايندڙ سينئر جج جسٽس يحيٰ تي ان جو بي اعتمادي جو اظهار ڪري ٿو.

پنهنجي خط ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ چوي ٿو ته ارجنٽ ڪيس 14 ڏينهن ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿيندا. جسٽس منيب اختر درخواستگذارن جي آئيني ۽ قانوني حق جي خلاف ارجنٽ آئيني ڪيس ٻڌڻ کان انڪا رڪيو ۽ موڪلن کي اوليت ڏني، سپريم ڪورٽ جي روايت جي ابتڙ پنهنجي سينئر ججز(ايڊهاڪ ججز) جو احترام نه ڪيو. سينئر ججز(ايڊهاڪ ججز) کي اهڙن 100 ڪيسن جي ٻڌڻي ائين محدود ڪري ڇڏيو. ايڊهاڪ ججز کي شريعت ايپلٽ بينچ جا ڪيس به ٻڌڻ نه ڏنا ويا.

چيف جسٽس لکيو ته جسٽس منيب اختر ڪميٽي جي هڪ معزز ميمبر سان نامناسب رويو اختيار ڪيو جنهن ۾ سمورا چيف جسٽس شامل هئا، ۽ سينئر ترين جج به انهي جو حصو هئا. جسٽس منيب اختر صرف عبوري حڪم جاري ڪري 11 وڳي تائين ڪم ڪندو  آهي، جسٽس منيب اختر  جي ساٿي ججز به انهي جي رويي جي شڪايت ڪئي، آڊيو ليڪ ڪيس تي حڪم امتناع جاري ڪري انهي ڪيس کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ئي نه ڪرڻ نه ڏنو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں