76

حيدرآباد جي علائقي لياقت ڪالوني ۾ گئس پريشر مشين ڦاٽي پئي، باهه لڳڻ سبب 5 ڀاتي زخمي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ گئس پريشر مشين ڦاٽي پئي، باهه لڳڻ سبب 5 ڀاتي زخمي ٿي پيا.

حيدرآباد جي علائقي لياقت ڪالوني ۾ گئس پريشر مشين ڦاٽي پوڻ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا.

واقعو گهر ۾ ناشتو تيار ڪرڻ دوران پيش آيو، هڪ عورت جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو.

 ٻين ڀاتين جو 30 کان 25 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو، سخت زخمي ٿيل عورت جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں